86

نوجوان نسل ۾ ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ انتهائي ضروري آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (رپورٽر) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوجوان نسل ۾ ٻولين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻو پوندو.علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ لينگويج ڊاڪيومينٽيشن بابت انٽرنيشنل ٽريننگ ورڪشاپ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته توهان جي ٻولي توهان جي سڃاڻپ آهي.هن چيو ته ٻولين جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڳالهائيندڙ ٻولين جي تنوع لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.وفاقي وزير چيو ته جديد دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون تيزيءَ سان ختم ٿي رهيون آهن، ٻولين جي تحفظ لاءِ دستاويز جي ضرورت آهي.مريم اورنگزيب چيو ته نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي ورثي کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪي ثقافت ترقي لاءِ ضروري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں