60

عمران خان جي نوجوانن کي ٽارئيگر فورس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڪستان جي نوجوانن کي ٽائيگر فورس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نوجوانن لاءِ اهم پيغام جاري چيو ته اڄ اسان جو ملڪ جنهن موڙ تي بيٺو آهي، اسان کي توهان جي ضرورت آهي.هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پرڏيهي مداخلت ذريعي حڪومت مسلط ڪئي وئي ۽ ملڪ جي خون چوسندڙ ڏوهارين کي 30 سالن تائين اقتدار ڏنو ويو.هن وڌيڪ چيو ته ٻن خاندانن نوڙي نوڙي پرڏيهي قوتن جي غلامي ڪئي ان لاءِ اقتدار ۾ آندا ويا ته جيئن اهي پرڏيهي ايجنڊا تي هلن، 1100 ارب رپيا چوري ڪري اين آر او ڏنو ويو.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اڄ نيب ۽ ايف آءِ اي تباهه ٿي ويا آهن ۽ مستقبل ۾ به اسان جو انصاف وارو نظام تباهه ڪندا.هن چيو ته ايف آءِ اي ۾ 16 ارب رپين جا ڪيس دفن آهن ۽ هاڻي اهڙو ماحول پيدا ڪري رهيا آهن ته هو عدالتن مان فرار ٿي سگهن.هن چيو ته هو رڳو پاڪستان جي ادارن کي تباهه ڪري پاڻ کي مسلط ڪرڻ چاهين ٿا، جڏهن ته 60 سيڪڙو ڪابينا ڪرپشن ڪيسن ۾ ضمانت تي آهي.انهن ماڻهن پارٽي قيادت خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرايون آهن، منهنجي خلاف 9 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن، سوشل ميڊيا تي ماڻهن کي خوفزده ڪيو پيو وڃي ۽ فاشسٽ حڪمت عملي ذريعي ميڊيا تي بدترين سختيون مڙهيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں