46

سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي جو جهنڊو بلند ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

نوابشاهه (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي جو جهنڊو بلند ڪنداسين.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ چونڊيل سمورن جيالن کي مبارڪباد ڏني.بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پ پ اميدوارن جي واضح ڪاميابي تير تي عوام جو اعتماد آهي.هن چيو ته سنڌ جي عوام حقيقت ۾ پ پ جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جي تسلسل تي مهر لڳائي ڇڏي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ غير معمولي ڪاميابي ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي فتح جي نشاني آهي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڪاميابي پهريون قدم آهي، پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ فتح جا جهنڊا لڳائيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں