60

ملڪ ۾ قاتلن ڪورونا جا وار وري شروع، 2 ڄڻا فوت، 333 وبا جو شڪار

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 333 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) موجب ڪالهه 13 هزار 759 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ مثبت ڪيسن جي شرح 2.42 سيڪڙو رهي. اين آءِ ايڇ موجب 85 ڪورونا مريضن جي حالت نازڪ آهي. ياد رهي ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا ريٽ ڪراچي ۾ رڪارڊ ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں