52

موسميات کاتي گرميءَ جي ماريل عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ گرمي کان متاثر شهرين لاءِ خوشخبري اها آهي ته مون سون جي برساتن جو پهريون اسپيل هن هفتي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب مون سون جي برساتن جو پهريون سلسلو جمعي کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مون سون جو ٻيو سلسلو 6 کان 15 جولاءِ تائين جاري آهي جنهن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، ان کان علاوه عيد الاضحيٰ تي به برسات جو امڪان آهي.
ملڪ جي اترين علائقن ۾ 30 جون کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو، سردار سرفراز موسميات کاتي جي چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته مون سون سسٽم سان گڏ عربي سمنڊ مان وهندڙ هوائون به ملڪ تي اثر انداز ٿينديون، ملڪ جي اترين علائقن ۾ 30 جون کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز موجب پهرين جولاءِ جي رات کان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.هن چيو ته اهو سسٽم ملڪ جي ڏاکڻين علائقن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برساتن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن دوران ڪجهه علائقن ۾ 3 کان 4 ڏينهن ۽ ڪجهه علائقن ۾ 5 ڏينهن تائين وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں