51

بلوچستان عوامي پارٽي نيب چيئرمين جي عهدي لاءِ 2 نالا تجويز ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (رپورٽر) حڪومت جي اهم اتحادي بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) نيب چيئرمين جي عهدي لاءِ ٻه نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن.بي اي پي اڳوڻي جج احمد خان لاشاري ۽ غلام اعظم قمبراڻي جا نالا تجويز ڪيا آهن،بي اي پي جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي.ٻئي طرف مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته نيب چيئرمين لاءِ نالو هڪ ٻن ڏينهن ۾ فائنل ڪيو ويندو. ياد رهي ته جسٽس (ر) جاويد اقبال کي آڪٽوبر 2017 ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ حڪومت سندس مدي ۾ واڌ ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں