63

وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ۽ غربت جي ماريل عوام کي جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافي جي خبر ٻڌائي ڇڏي، شهباز شريف اسيمبلي ميمبرن کي ڏنل ڊنر کي خطاب ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف جون سخت شرطون قبول ڪيون، جولاءِ ۾ لوڊشيڊنگ وڌي سگهي ٿي، جولاءِ لاءِ اسان کي گئس جا جهاز نه مليا پر ڪوشش ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم چيو ته عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن کي گهٽائڻ لاءِ مختلف شعبن جي مالڪن جي آمدني تي سڌو سنئون ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اميرن تي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو ۽ اميرن تي سڌو سنئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ حڪومت جو انقلابي قدم آهي.وزيراعظم شهباز شريف اميرن کان 200 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته اميرن کي گهرجي ته هو قربانيءَ جي جذبي سان عام ماڻهو جو بار ورهائڻ لاءِ اڳتي اچن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں