66

باغي ميمبرن کي ڪڍي پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ٻيهر ووٽنگ ٿا ڪرايون: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور (رپورٽر) لاهور هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته باغي ميمبرن کي ڪڍي ٻيهر پنجاب جي وڏي وزير لاءِ ووٽنگ ڪرائي ٿا وٺون، هاءِ ڪورٽ لارجر بينچ حمزه شهباز شريف جي حلف ۽ گورنر جي اختيارن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي، حمزه شهباز جي وڪيل منصور عثمان اعواڻ ٻڌايو ته 14 اپريل تي تحريڪ انصاف وڏي وزير جي اليڪشن خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ صدر پاڪستان آرٽيڪل 63 جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي حڪومت کان هدايتون وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڪڏهن گهرائي سگهجي ٿو؟ باغي ميمبرن کي ڪڍي ٻيهر وڏي وزارت لاءِ ووٽنگ ڪرائي ٿا وٺون، عدالت سان معانت ڪريو ته جيڪڏهن اسان اجلاس ٻيهر 16 اپريل جي تاريخ تي کڻي وڃون ۽ پولنگ ٻيهر ٿئي ته بحران کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو، پي ٽي آءِ جي وڪيل ۽ پنجاب حڪومت هدايتون وٺي پيش ٿين، ڪيس جو فيصلو اڄ ئي ڪرڻ چاهيون ٿا، پي ٽي آءِ وڪيل چيو ته اسان ڊپٽي اسپيڪر ذريعي پولنگ کي به چئلينج ڪيو آهي، عدالت رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڊپٽي اسپيڪر ئي ڪرائيندو، ڇو ته ان تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو هڪ فيصلو موجود آهي، جنهن کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، اهڙي صورت ۾ پولنگ اهو ئي پرزائيڊنگ آفيسر ڪرائيندو، جنهن 16 تاريخ تي ڪرائي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں