49

ايل پي جي جي قيمت ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٻيو ڀيرو واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين سپر ٽيڪس جي آڙ ۾ 24 ڪلاڪن دوران في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ وڌيڪ 10 رپيا اضافو ڪري ڇڏيو، ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين سپر ٽيڪس جي آڙ ۾ وڌيڪ قيمتون وڌائڻ لاءِ ڳٺ جوڙ ڪري ورتي آهي ۽ ايل پي جي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، عرفان کوکر ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2022ع کان انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ايل پي جي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي پر مقامي سطح تي قيمتون وڌايون پيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں