67

اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽيم مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ورڪر مارجي ويا

پشاور (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ پوليو جي ڦڙا پياريندڙ ٽيم تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.2 ڄڻا مارجي ويا، هڪ زخمي، تفصيل موجب اتر وزيرستان ۾ پوليو ٽيم ڦڙا پيارڻ مصروف هئي ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليو ورڪر مارجي ويا ۽ هڪ راهگير زخمي ٿي پيو.پوليس موجب فوت ٿيل ٻن پوليو ورڪرز ۾ رضا الله ۽ دل بادشاه شامل آهن، جن جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں