50

لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه وارو ڪيس، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 19 جولاءِ تائين واڌ

لاهور (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 25 مئي تي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، پوليس تي تشدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 19 جولاءِ تائين واري ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻ جمشيد اقبال چيمه، حماد اظهر، ڊاڪٽر ياسمين راشد، شفقت محمود عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري، ميان محمود الرشيد، ميان اسلم اقبال، زبير نيازي، نديم عباس بارا، طارق اقبال، عديل، زمان خان، افضال عظيم، حسان نيازي، مراد راس ۽ ياسر گيلاني به عدالت ۾ پيش ٿيا، جوابدارن تي ٿاڻي شاهدره، ڀاٽي گيٽ، شفيق آباد ۽ گلبرگ ۾ درج ڪيس ۾ ضمانتن لاءِ درخواستون داخل ڪيون آهن جن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبهر گل خان ٻڌڻي ڪئي ۽ عبوري ضمانتن ۾ 19 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں