52

سڄي ملڪ بجليءَ جو شارٽ فال 7500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ) پاور ڊويزن موجب سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار 500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي، جنهن سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت به 16 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي.تفصيل موجب گرمي جي شدت ۾ اضافي کانپوءِ ملڪ ۾ بجلي جو بحران به وڌي ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت به وڌي ويو آهي.پاور ڊويزن موجب ملڪ ۾ توانائي جو بحران برقرار آهي، ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 29 هزار 200 ميگاواٽ آهي ۽ بجلي جي ڪل پيداوار 21 هزار 700 ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جو شارٽ فال 7500 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں