56

انتظاميا پيپلز پارٽي سان مليل آهي، اليڪشن ڪرائڻ بجاءِ نالن جو اعلان ڪريو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (رپورٽر) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سموري انتظاميا پ پ سان مليل آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ٿيندي ڏسي، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين اهم ادارن کي چوان ٿو ته جيئن اليڪشن ڪرائي رهيا آهيو، ان کان بهتر آهي ته نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جيڪڏهن اهڙا حڪمران آهن ته پوءِ چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪو نه ايندو؟مصطفيٰ ڪمال چيو ته پوليس پيپلز پارٽي جي ذاتي نوڪر بڻجي وئي آهي، حڪمران ادارن کي تباهه ڪري رهيا آهن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي، سموري انتظاميا پ پ سان مليل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں