55

ڪي اليڪٽرڪ وٽ فرنس آئل خريدڻ جا پئسا ناهن، رهتون ادا ڪريو، امتياز شيخ جي وزيراعظم کي اپيل

ڪراچي (رپورٽر) امتياز شيخ وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کي ڪي اليڪٽرڪ رهتون ادا ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت نيپرا کان منظور ڪيل سبسڊي جي رقم فوري طور ادا ڪري.سنڌ جي توانائي واري وزير بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن بعد هن ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او سان رابطو ڪري چيو آهي ته غير اعلانيل لوڊشيڊنگ هنگامي بنيادن تي ختم ڪئي وڃي.صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت نيپرا پاران منظور ڪيل سبسڊي جي رقم فوري طور ادا ڪري.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ فرنس آئل خريد ڪرڻ جا پئسا نه هئڻ سبب عوام لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں