47

پاڪستان ڏيوالپڻي جي خطري مان نڪري چڪو آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (رپورٽر) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم ڏکين فيصلن تي منهنجو ساٿ ڏنو، ڏکيا فيصلا ڪيا ويا جنهن کانپوءِ پاڪستان ڏيوالو شڪار ٿيڻ واري خطري مان نڪري ويو آهي. گذريل حڪومت 4 سالن ۾ پوڻا 20 هزار ارب رپيا قرض ورتو، هن سال به اسان جو خسارو 5 هزار ارب رپيا آهي.اسلام آباد ۾ ٽرن رائونڊ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم کي ڏکين حالتن ۾ غريب ترين پاڪستاني ياد ايندا هئا پر هاڻي جڏهن اميرن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ سندس پٽ به ٽيڪس ڏيندا.تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته هن سال به اسان جو خسارو 5 هزار ارب رپين جو آهي، وزيراعظم ڏکين فيصلن تي منهنجو ساٿ ڏنو، ڏکيا فيصلا ڪيا ويا جنهن کانپوءِ پاڪستان ڏيوالپڻي جي خطري مان نڪري آيو آهي.وفاقي وزير چيو ته اسان کي ٽيڪس وصولي جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، جيڪڏهن اسان 10 سالن ۾ معاشي ترقي طرف وڌياسين ته هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي.مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ چئن وڏن خسارن کانپوءِ پنجين نمبر لاءِ تيار ناهي ڇو ته 120 ارب رپين جي ماهوار خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي.مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽرول تي سبسڊي جاري رهي ها ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں