67

ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ جارحيت پسند ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي آڙ ۾ هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٻن نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج جنت نذير وادي جي ڪلگام ضلعي ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ چادر ۽ چار ديواريءَ جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪئي. ٻارن ۽ بزرگن تي به تشدد ڪيو ويو ۽ عورتن کي به حراسان ڪيو ويو، سرچ آپريشن دوران قابض ڀارتي فوج هڪ گهر تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا. هندستان جي ڪٺ پتلي انتظاميه نوجوانن کي ويڙهاڪن طور پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.شهيدن جي وارثن ۽ علائقي واسين قابض ڀارتي فوج جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو. مظاهرين ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد جي حق ۾ نعرا هنيا. پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں