103

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ هڪ ٽرڪ مان 46 مهاجرن جا لاش هٿ

واشنگٽن (م ڊ)  آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ ٽرڪ مان 46 مهاجرن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيڪساس جي علائقي سين انتونيو ۾ هڪ لاوارث ٽرڪ مان 46 مهاجرن جا لاش مليا آهن.پوليس اختيارين موجب ٽرڪ جو ايئرڪنڊيشن ڪم نه ڪري رهيو هو ۽ ٽرڪ ۾ پيئڻ جو پاڻي به نه هو جڏهن ته ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو. ٽن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، اهي سڀئي انساني اسمگلرن جي مدد سان آمريڪا آيا هئا،مارجي ويلن جي قوميت بابت اختيارين ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں