87

وفاقي ڪابينا پاران افغان ٽرانسپورٽرن کي 6 مهينن جي ملٽي انٽري ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ افغانستان مان ٽرانسپورٽرن کي 6 مهينن جي ملٽي انٽري ويزا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 7 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا نيشنل ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي ويزا پاليسي ۾ تبديلي جي ايجنڊا جي به منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ 22 جون تي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن، 23 جون تي ڪابينا جي قانونساز ڪميٽي جي فيصلن ۽ حج پاليسي 2022 جي نئين مسودي جي به توثيق ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں