51

پيٽرول جي قيمت 320 رپيا في ليٽر ۽ بجلي 45 رپيا في يونٽ ٿي ويندي: عمر ايوب

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي توانائي واري وزير عمر ايوب دعويٰ ڪئي آهي ته پيٽرول جي قيمت 320 رپيا في ليٽر ٿي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري رهيو آهي، وزيراعظم 48 ڪلاڪن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر هاڻي وزيراعظم ۽ توانائي وارو وزير چئي رهيا آهن ته جولاءِ ۾ به لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. عمر ايوب چيو ته ملڪ ۾ 7 هزار کان 8 هزار ميگا واٽ بجلي جي کوٽ آهي، آگسٽ تائين بجلي جي قيمت 45 رپيا في يونٽ ٿي ويندي. غريبن جو جيئڻ ناممڪن ٿي پيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں