48

پاڪستان ۾ عالمي وبا وري ڪنٽرول کان ٻاهر، 541 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 15 هزار 462 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 541 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 3.50 سيڪڙو هئي ۽ هڪ فوتگي به ٿي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ڪورونا وائرس جي 100 مريضن جي حالت نازڪ آهي.ياد رهي ته قائداعظم جو شهر ڇهين لهر جي لپيٽ ۾ آهي جتي سڀ کان وڌيڪ شرح رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں