60

جولاءِ ۾ وڌيڪ مهانگائي سياسي بحران ۾ اضافو ڪندي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جولاءِ ۾ وڌيڪ مهانگائي سياسي بحران ۾ اضافو ڪندي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ اڃا تائين آءِ ايم ايف جي حڪم نامي ۽ گري لسٽ مان ناهي نڪري سگهيو، سپر ٽيڪس به غريبن تي منتقل ٿي وئي آهي، جڏهن ته ماڻهو گهريلو سامان وڪڻي رهيا آهن ۽ ٻارن کي اسڪول مان ڪڍي رهيا آهن، هن چيو ته مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جو ماريل عوام کي روڊن تي نڪرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں