80

پاڪستان هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ 13 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض وٺي ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ 13 ارب 53 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض وٺي ڇڏيو، اقتصادي معاملن واري وزارت پرڏيهي قرضن بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب مالي سال جي 11 مهينن ۾ 14 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض جو ڪاٿو هو، جنهن مان 13 ارب 53 ڪروڙ کان وڌيڪ قرض وصول ڪيو ويو، ان ۾ سعودي عرب کان سيف ڊيپازٽ جي مد ۾ حاصل ڪيل 3 ارب ڊالر به شامل آهن، رپورٽ ٻڌايو ويو ته مئي مهيني ۾ پاڪستان 50 ڪروڙ 50 لک ڊالر جو پرڏيهي قرض حاصل ڪيو، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن کان ڪو قرض نه ورتو ويو، پرڏيهي قرضن ۾ 4 ارب 25 ڊالر کان وڌيڪ گهڻ طرفو قرض ورتو ويو، ان کان علاوه پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 2 ارب 62 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض به ان ۾ شامل آهي، 11 مهينن ۾ 59 ڪروڙ 33 لک ڊالر کان وڌيڪ ٻه طرفو قرض ورتو ويو، بانڊز جي صورت ۾ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض حاصل ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں