53

عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جي درخواست داخل ڪرائيندڙ شهري عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مشهور اينڪر پرسن ۽ سياستدان عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم نه ڪرائڻ بابت وارثن جي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي شهري عبدالاحد کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جسٽس محمد جنيد غفار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي روبرو عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بابت وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي عامر لياقت جي وارثن جو وڪيل ضيا اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، مئجسٽريٽ جي روبرو درخواست ڏيندڙ شهري عبدالاحد غير حاضر رهيو، جڏهن ته پوليس طرفان عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي عبدالاحد کي 18 جولاءِ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں