61

چيف اليڪشن ڪمشنر آئين کي غيرقانوني طور تبديل ڪري رهيو آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر آئين کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪري رهيو آهي، شيرين مزاري اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 5 مخصوص سيٽن تي فوري طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، هن چيو ته 5 سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ توهين عدالت آهي، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن جو نوٽيس وٺي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر آئين کي تبديل ڪري رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي ساک وڃائي ويٺو آهي، فورن استعيفيٰ ڏئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں