57

اميد آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيندي، اڳوڻي وفاقي وزير اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بي اي پي ميمبر چيو ته ٽيلي فون ڪال تي اجلاس جو بزنس هلي رهيو آهي، چيو پيو وڃي ته اسيمبلي اجلاس ايجنڊا تي نه ڪالز تي هلي رهيو آهي، هن چيو ته سياسي استحڪام لاءِ چوڊن طرف وڃڻو پوندو، آئين تي عمل ان وقت ٿيندو جڏهن ته توهان اليڪشن طرف ويندا، اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کي اعليٰ عدليه مسلسل رد ڪري رهي آهي، هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته معاشي استحڪام لاءِ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، شهباز شريف جو سياسي استحڪام بابت بيان درست آهي، فواد چوڌري چيو ته سياسي استحڪام مرضيءَ جو اپوزيشن ليڊر بڻائڻ سان نه ايندو، پٽ کي جعلي وڏو وزير بڻائڻ سان سياسي استحڪام نه ايندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں