49

افغان شهرين جي ويزا نظام ۾ تبديلي جو مقصد ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغان شهرين جي ويزا جي نظام ۾ تبديلي جو مقصد ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف افغان شهرين لاءِ ويزا سسٽم بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وفاقي ڪابينا افغان شهرين لاءِ ويزا سسٽم ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪستاني سفارتخانو افغان شهرين جي ويزا درخواستن تي سندن موجوده قوميت جي بنياد تي عمل ڪندو ۽ افغان ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽرن کي 48 ڪلاڪن اندر هڪ سال تائين جا ملٽي ويزا فراهم ڪيا ويندا.هن وڌيڪ چيو ته ويزا جي سهولت جو مقصد ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ، افغان عوام جي مدد ڪرڻ ۽ وچ ايشيا جي وسيع خطي مان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي.هن چيو ته گهرو وزارت کي وڌيڪ لبرل ويزا پاليسي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں