58

ايم ڪيو ايم اتحادي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن چيو آهي ته کين حڪومتي بئنچن کان مخالف بئنچن ڏانهن وڃڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.قومي اسيمبلي ۾ خيالن اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي صابر قائم خاني چيو ته بجيٽ ۾ اسان جي علائقن جي منصوبن کي ڪا به ترجيح نه  ڏني وئي آهي، جيڪڏهن اسان جي ڳالهه نه مڃي وئي ته اسان اهڙين وزارتن تي ” ٿُڪ “ به نه هڻنداسين.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز جي صدار هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر صلاح الدين چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻوڪي حڪومت لاءِ  وڏي سياسي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان کي حڪومتي بئنچن کان ٻئي پاسي وڃڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي مميبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، هنن چيو ته حڪومت ۾ هڪ شخص آهي جيڪو اسان جي منصوبن کي بجيٽ ۾ شامل ٿيڻ نه پيو ڏئي.جنهن بعد وفاقي وزير مرتضي جاويد عباسي ايم ڪيو ايم ميمبرن سان ڳالهيون ڪيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں