70

15 جولاءِ کانپوءِ لوڊشيڊنگ تي ظابطو اچي ويندو: مصدق ملڪ

اسلام آباد (رپورٽر) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ دعوي ڪئي آهي ته 15 جولاءِ کانپوءِ لوڊشيڊنگ تي ظابطو اچي ويندو.هڪ انٽرويو دوران گفتگو ڪندي مصدق ملڪ چيو ته ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي درخواست ڪندس ته موجودا بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ  ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ رقم ريليز ڪري.هن ملڪ بجلي جي وڌندڙ بحران بابت چيو ته لوڊشيڊنگ جو هڪ سبب ڊيمن ۾ پاڻي جي کوٽ پڻ آهي، ساڍن 9 هزارن بدران 5 هزار ميگاواٽ بجلي ٺهي رهي آهي جڏهن ته ٻيو سبب عالمي منڊي ۾ ايل اين جي جي کوٽ ۽ ڪوئلي جو مهانگو ٿيڻ آهي.مصدق ملڪ دعوي ڪندي چيو ته 15 جولاءِ کانپوءِ لوڊشيڊنگ تي ظابطو اچي ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں