47

قومي اسيمبلي مان پگهاردار طبقي لاءِ نئين ٽئڪس شرح بابت ترميم منظور

اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي پگهاردار طبي لاءِ نئين ٽيڪس شرح بابت ترميم منظور ڪري ورتي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ منظور ڪيل ترميم موجب ماهوار 50 هزار رپين تائين پگهار کڻندڙ تي ڪو به ٽئڪس لاڳو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته ماهوار 50 هزار رپين کان هڪ لک رپين تائين پهگار کڻندڙن تي 2.5 سيڪڙو جي شرح سان ٽئڪس لاڳو ٿيندو.ترميم موجب ماهوار هڪ کان 2 لک رپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو 15 هزار رپيا فڪس ٽئڪس ساليانو جڏهن ته 1 لک رپين کان اضافي رقم تي 12.5 سيڪڙو شرح سان ماهوار ٽئڪس لاڳايو ويندو ۽ ماهوار 2 کان 3 لک رپيا پگهار کڻندڙ تي ساليانو هڪ لک 65 هزار ٽئڪس لڳايو ويندو.قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل ترميم موجب ماهوار 3 کان 5 لک رپيا پهگار کڻندڙن تي 4 لک پنج هزار رپيا ساليانوجڏهن ته 3 لک اضافي رقم تي 25 سيڪڙو ماهوار ٽئڪس لڳايو ويندو ۽ ماهوار 5 کان 10 لک رپيا پهگار کڻندڙن تي 10 لک رپيا ساليانو ۽ 5 لک رپين کان اضافي رقم کڻندڙن تي 32 ڏهائي 5 سيڪڙو شرح سان ٽئڪس لاڳايو ويندو.ترميم موجب ماهوار 10 لک رپين کان اضافي رقم تي 35 سيڪڙو ٽئڪس لڳايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں