92

روس کان ڪچي تيل جي خريداري واري معاملي تي اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (رپورٽر) روس کان ڪچي تيل جي خريداري واري معاملي تي اهم اڳڀرائي ٿي  آهي.توانائي واري وزارت روس کان تيل خريداري لاءِ ريفائنريز کي خط لکي ڇڏيو ۽ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن.خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئل ريفائنريز ان معاملي تي پنهنجون تجويزون حڪومت ڏانهن اُماڻين، روس کان تيل جي مقدار ۽ ادائيگي جو طريقو ڇا هوندو، تيل امپورٽ ڪرڻ جي ٽرانسپورٽيشن خرچ ڪيترا هوندا؟ ڇا روس کان تيل خريدڻ سان عرب ملڪن سان معاهدا ته متاثر نه ٿيندا؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں