54

ادارا نيوٽرل رهندا ته پي ٽي آءِ جهڙيون غير جهموري پارٽيون کٽي نه سگهنديون: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ادارا نيوٽرل رهندا ته غيرجمهوري پارٽيون جيئن عمران خان جي جماعت آهي اهي کٽي نٿيون سگهن.قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي  ملڪ ۾ جهموريت، صاف شفاف چونڊن ۽ عوام جي معاشي حقن لاءِ ٽن نسلن کان جدوجهد ڪري رهي آهي، اسان هر آمر جي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي، پيپلز پارٽي کي ڌانڌلي باوجود حڪومت جو موقعو مليو.پرڏيهي وزير اڳوڻي وزيراعظم عمران خان  تي تنقيد ڪندي چيو ته خان صاحت کي شڪايت آهي ته ادارا نيوٽرل ڪيئن ٿي ويا، جيڪڏهن ادارا نيوٽرل رهندا ته غير جمهوري پارٽيون جيئن عمران خان جي جماعت آهي اهي کٽي نٿيون سگهن. خان صاحب جيان سنڌ ۾ ڪجهه ڪٺ پتلي سياستدان آهن جن کي اڳيان آندو ويندو آهي، کين خبر آهي ته 2018ع  ۾ ڌانڌلي ذريعي هتي آيا، جڏهن شفاف اليڪشن ٿيندا ته کين ڀڄڻ جو موقعو به نه ملندو.چونڊن کان هڪ ڏينهن پهريان هي سڀ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گڏ ٿيا هئا ته اليڪشن ملتوي ڪرائجي، هنيئر ئي مخالفن جو روئڻ پٽڻ شروع ٿي ويو آهي، کين وڌيڪ روئڻو پٽڻو آهي، ٻئي مرحلي ۾ به اسان جي مخالفن جو ضمانتون ضبط ٿي وينديون، کين ڊپ آهي ته ادارا مداخلت نه ڪندا ۽ جيڪڏهن مداخلت نه ٿي ته پيپلز پارٽي کٽي ويندي، لاڙڪاڻي مان چونڊون کٽڻ تي اسان تي ڌانڌلي جو الزام مڙهيو ويندو آهي، اهو ڪهڙي قسم جو مذاق آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں