58

پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري

اسلام آباد (رپورٽر) قومي اسيمبلي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ مرحليوار 50 رپيا واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل 2022-23 جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي وئي.ناڻي بابت مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ايندڙ مالي سال ۾ مرحليوار بنيادن تي پيٽروليم ليوي ٽيڪس ۾ 50 رپيا اضافي جي منظوري گهري، ايوان پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪرڻ جي ترميم منظور ڪري ورتي.عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته اسان اهڙا ٽئڪس آڻي رهيا آهيون، جيڪي اميرن تي لڳندا، اسان اهو انڪري ڪيو ته جيئن عام ماڻهو تي ٻوجهه نه پوي، اسان جيڪي تبديليون ڪيون اِهي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان طئي ڪري وئي هئي، اسان رڳو پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪري رهيا آهيون.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي ٻڙي آهي، 50 رپيا في لٽر ليوي لاڳو نٿا ڪري سگهون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں