52

ملڪ جي موجوده لوڊشيڊنگ جو ذميوار عمران خان آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (رپورٽر) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي موجوده لوڊشيڊنگ جو ذميوار عمران خان آهي، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ناروال اسپورٽس سٽي ڪيس ۾ پيش ٿيو آهيان، گذريل ڏيڍ سال کان نيب گردي خلاف جدوجهد جاري آهي، احسن اقبال چيو ته نيب گرفتاري کان وٺي اڄ تائين اهو ٻڌائڻ ۾ قاصر آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو هو؟ ڪالهه به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سوال ڪيو احسن اقبال خلاف ڪيس ڇا هو؟ هن چيو ته نيب کي چئلينج ڪريان ٿو هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاري، عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي دور ۾ به چئلينج ڪيو هو، وفاقي وزير چيو ته 32 سئو ارب مان 32 رپين جي به ڪرپشن ثابت ڪريو، اسان قومي ڏوهاري هونداسين، هڪ به مالي بدعنواني جو ڪيڪس قوم اڳيان پيش ناهي ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں