62

پاڪستان ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 2 زندگيون ڳڙڪائي ڇڏيون، 641 ڄڻا وبا ۾ مبتلا

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 3.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 813 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 641 ۾ متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 3.41 سيڪڙو رهي ۽ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 119 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں