49

نئين پاڪستان جي دعويدارن پراڻي پاڪستان کي به تباهه ڪري ڇڏيو: حمزه شهباز

لاهور (رپورٽر) پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جون دوائون مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور جي علائقي شاهددرا ۾ ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز پهرين جولاءِ کان پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي مفت دوائن جو اعلان ڪيو.هن چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن پراڻي پاڪستان کي به تباهه ڪري ڇڏيو، آئيني بحران کين عوام جي خدمت ڪرڻ کان نه روڪي سگهيو ۽ نه ئي مستقبل ۾ روڪيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں