63

اتحادين جا خدشا، وزيراعظم شهباز پاران آصف زرداري ۽ بلاول جي مان ۾ آجياڻو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي اعزاز ۾ آجياڻي جو انتظام ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ مانجهاندي به ڏنو ويندو جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ پيپلز پارٽي بابت ايم ڪيو ايم جي خدشن تي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي. اجلاس ۾ نيب چيئرمين جي مقرري سميت حڪومتي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں