58

اسحاق ڊار ته ڇا بل گيٽس کي گهرايو، ملڪ ان کان به نه هلي سگهندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسحاق ڊار ته ڇا بل گيٽس کي به گهرايو ته ملڪ ان کان به نه هلي سگهندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته فوري طور چونڊون ڪرايون وڃن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، شيخ رشيد چيو ته چيف اليڪشن ڪميشن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد پي ٽي آءِ جي پنج خاص سيٽون ڏيڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، اڄ پنجاب هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به اچي سگهي ٿو، شيخ رشيد چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي قيادت ايم ڪيو ايم کي نه ڏيندي، جنهن حڪومتي اتحادي کي اليڪشن وڙهڻي آهي، ان کي حڪومت کي ڇڏڻو پوندو، ڇو ته حڪومت ڪٿي نظر نه ٿي اچي، هن چيو ته راڻا ثناءُالله ۽ خرم دستگير نئين آرمي چيف جي مقرري تي صلاح مشورن جا بيان ڪهڙي حيثيت سان ڏئي رهيا آهن، حڪمران عوام کي دوکو ڏئي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں