71

اقتصادي رابطن پاڪ-چين دوستيءَ جون پاڙون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي، ان موقعي تي شهباز شريف طرفان سي پيڪ منصوبن جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ جلد تڪميل جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ ۽ وڌندڙ اقتصادي رابطن پاڪستان ۽ چين جي عوام وچ ۾ پائيدار دوستي جون پاڙون مضبوط ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي رابطن، خوشحالي ۽ عوامي بهبود جي گڏيل ويزن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اقتصادي سهڪار وسيع پيماني تي پاڪ چين حصيداري جو بنياد بڻجي چڪو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں