51

اهميت نه ملڻ سبب اي اين پي پاران حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور شروع

اسلام آباد (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) وفاقي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿيڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ايمل ولي خان جي صدارت هيٺ اي اين پي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اتحادي حڪومت لاءِ ڪيل واعدن ۽ ان تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي اڳواڻن حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ ان حوالي سان حتمي فيصلا ڪرڻ لاءِ ايمل ولي خان عيد کانپوءِ مرڪزي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اي اين پي اڳواڻن پارٽي سربراهه کي حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.اي اين پي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو ڪو به واعدو پورو نه ٿي سگهيو آهي ۽ حڪومت جي ڪنهن به فيصلي تي اعتماد ۾ نه ورتو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں