64

بجليءَ جو سنگين بحران، شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو، ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ بجلي جو بحران سنگين ٿي ويو آهي، بجلي جو شارٽ فال 7 هزار 674 ميگاواٽ تائين پهچي ويو، لوڊشيڊنگ بي قابو ٿي وئي.پاور ڊويزن ذريعن موجب سخت گرمي سبب بجلي جي طلب رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 7 هزار 674 ميگاواٽ آهي.ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي ڪل طلب 29 هزار 900 ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي ڪل پيداوار 22 هزار 226 ميگاواٽ آهي، شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 14 ۽ ٻهراڙين ۾ 18 ڪلاڪن کان به وڌي ويو آهي.پاور ڊويزن موجب ملڪ ۾ پاڻي مان 5 هزار 625 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس مان 1 هزار 327 ميگاواٽ، نجي شعبي جي پاور پلانٽس مان 11 هزار 500 ميگاواٽ، ونڊ پاور پلانٽس مان 1235 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽس مان 122 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں