56

پنجاب جي وڏي وزير خلاف پي ٽي آءِ جون درخواستون منظور، باغي ميمبرن جا ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف تحريڪ انصاف جون درخواستون منظور ڪري  ورتيون آهن، عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ٻيهر راءِ شماري ۾ جنهن جي اڪثريت ٿيندي ، اهو کٽي ويندو.

جسٽس صداقت علي خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

لارجر بئنچ ۾ جسٽس صداقت علي خان کانسواءِ جسٽس شهرام سرور چوڌري، جسٽس ساجد محمود سيٺي، جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس شاهد جميل خان شامل هئا.

لارجر بيچ ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ ق ليگ ۽ اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي وئي، ڄاڻايل درخواستون حمزه شهباز جي وڏي وزير طور چونڊ ۽ سنگل بينچ جي فيصلي خلاف داخل ڪيون ويون هيون، درخواستن تي 4 جي مقابلي ۾ هڪ جو فيصلو آيو، جسٽس ساجد محمود سيٺي چئن ججز جي ڪجهه نڪتن سان اختلاف ڪيو.

عدالت پنجاب جي وڏي وزير جي اليڪشن خلاف پي ٽي آءِ جون درخواستون منظور ڪيون آهن ۽ حلف خلاف اپيلن کي اڪلايو ويو آهي.

تحريڪ انصاف طرفان 5 اپيلون داخل ڪيون ويون هيون، جنهن ۾ حمزا شهباز جي چونڊ کي چئلينج ڪيو ويو .

عدالت جو لکت ۾ حڪمنامو

لاهور هاءِ ڪورٽ درخواستن تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي.

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نئين اليڪشن جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي، ٻيهر اليڪشن جو حڪم سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف هوندو، اسان پرزائيڊنگ آفيسر جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت به نٿا چئي سگهون، عدالت پريزائيڊنگ آفيسر جو ڪردار ادا نٿي ڪري سگهي.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته باغي ميمبرز جا 25 ووٽ ڪڍي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي، ٻيهر راءِ شماري ۾ جنهن جي اڪثريت ثابت ٿئي اهو کٽي ويندو، جيڪڏهن ڪنهن کي گهربل اڪثريت نٿي ملي ته آرٽيڪل 130 چار تحت سيڪنڊ پول ٿيندو، 25 ووٽ ڪڍڻ کانپوءِ اڪثريت نه ملڻ تي حمزا شهباز پنجاب جو وڏو وزير نه رهندو.

گورنر پنجاب کي سڀاڻي اسيمبلي اجلاس سڏائڻ جو حڪم

حڪمنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گورنر پنجاب پهرين جولاءِ تي اسيمبلي اجلاس سڏائي، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اليڪشن ٿيڻ تائين ملتوي نه ڪيو ويندو، اليڪشن عمل مڪمل ٿين کانپوءِ نئين چونڊيل وڏي وزير  جي حلف برداري تقريب کي ٻه جولاءِ تي يقيني بڻايو وڃي.

حڪمنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڏي وزير وزير جي حلف خلاف اپيلون اڪلائيون وڃن ٿيون، جنهن جا سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

جسٽس ساجد محمود سيٺي جو اختلافي نوٽ

اختلافي نوٽ ۾ جسٽس ساجد محمود سيٺي ميڊيا جي رپورٽنگ جي ساراهه ڪئي، سندس چوڻ هو ته ميڊيا پروفيشنل رپورٽنگ ڪئي، ڪجهه وي لاگرز ڪيس کي اسڪينڊلائز ڪيو، پيمرا ۽ ايف آءِ اي اسڪينڊلائز ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري.

جسٽس ساجد محمود سيٺي اختلافي نوٽ ۾ حمزا شهباز جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس ساجد محمود سيٺي عثمان بوزدار کي بحال ڪرڻ جو نوٽ پڻ لکيو.

پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ردعمل

پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد الرشيد چيو آهي ته اسان جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن، حمزا پنجاب جو وڏو وزير ناهي رهيو،

ميان محمود الرشيد چيو ته اڄوڪو ڏينهن پنجاب جي تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي، حمزا شهباز ڌانڌلي ۽ جعلي طريقي سان وڏو وزير بڻيو هو، عدالت اڄ سندس وڏ وزارت جي موڪل ڪرائي ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت جو چوڻ هو ته ٻن مهينن کان تي عذاب مڙهيو ويو هو، اڄ الله ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، پنجاب ۾ نئين وڏي وزير لاءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، تحريڪ انصاف کي اڄ آئيني ۽ اخلاقي طور پڻ ڪاميابي ملي آهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل احمد اويس ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جو آئين ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي، آئين جو راڄ ۽ نيڪ نامي ٿي آهي، پي ٽي آءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پُرعزم آهي.

عدالت حمزا شهباز جي چونڊ ڪالعدم قرار ناهي ڏني: عطا تارڙ

ن ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ حمزا شهباز جي چونڊ کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو ۽ نه ئي کيس عهدي تان هٽايو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ 63 اي بابت تشريح ۾ چيو آهي ته پارٽي هدايت خلاف ووٽ شمار نه ٿيندو، عدالت نه اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي ۽ نه ئي نئين اليڪشن جو حڪم ڏنو آهي.

هن چيو ته نه چونڊن کي ڪالعدم قرار نه ئي حمزا شهباز کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، پنجاب جي وڏي وزير طور حمزا شهباز جي فيصلن کي تحفظ ڏنو ويو آهي.

عطا تارڙ چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ اسان جي ميمبرن جو انگ 177 آهي ۽ اسان کي 9 ووٽن جي سرسري آهي، 25 ميمبرن ڪڍئون تڏهن به اسان جي ميمبرن جو انگ 177 آهي، اسان پراميد آهيون ته اسان هي رن آف اليڪشن به کٽي وينداسين.

فيصلي سياسي بحران ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي: فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي پنجاب ۾ سياسي بحران ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته عدالتي فيصلي ۾ ڪيئي خاميون آهن، ليگل ڪميٽي جي ميٽنگ سڏائي آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ خامين جي حوالي سان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن حمزا شهباز وڏو وزير ناهي رهيو ته نگران وڏي وزير طور عثمان بوزدار عهدي تي بحال آهي، هن اسيمبلي ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ ڏاڍي ڏکي آهي، هاڻي نيون چونڊون ئي  واحد چارو آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں