60

ڪڏهن سوچيو به نه هو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي اقتدار ڏنو ويندو: عمران خان

اسلام آباد (رپورٽر) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور کي زندگي جو ڏکيو ترين وقت قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت جا ساڍا ٽي سال منهنجي زندگي جا ڏکيا ترين سال هئا، روز اٿندو هيس ته هڪ نئون بحران سامهون هوندو هو.هن چيو ته مان عام ماڻهو آهيان، حياتي ۾ وڏيون غلطيون ڪيون اٿم، ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي جو ڪارڻ پنهنجي غلطين تي سڌارا آڻڻ هو، مان حڪومت جي ڏينهن ۾ طئي ڪندو هيس ته ڪهڙي مسئلي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻو آهي.سندس چوڻ هو ته ٽي ملڪ حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ پئسو نه ڏين ها ته ڏيوالو ٿي وڃي ها، ٻه سال ڏکيا هئا پر ٽيون ۽ چوٿون سال ڪامياب ترين هو.عمران خان چيو ته جڏهن مان رجيم چينج جو سائفر ڏٺو ته ان کي وري وري پڙهيو، سائفر ۾ لکيل هو ته اسان کي خبر پئي ته روس وڃڻ جو فيصلو اڪيلي عمران خان جو هو، سفارتڪار ٻڌايو ته روس وڃڻ جو فيصلو اڪيلي عمران جو ناهي، گڏيل فيصلو هو.تحريڪ انصاف چيئرمين موجب سائفر ۾ لکيل هو ته عمران خان کي هٽايو ته پاڪستان کي معاف ڪيو ويندو، اهو ممڪن ناهي ته ڪير اچي چئي ته چونڊيل وزيراعظم کي هٽائي ڇڏيو، نيوٽرلز کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ملڪ غير مستحڪم ٿيو ته اهي ماڻهو نه سنڀالي سگهندا.هن چيو ته اولهه ملڪن ۾ سدائين قانون جي بالادستي ڏٺي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪڏهن اين آر او ون ته ڪڏهن اين آر او ٽو ڏنو ويندو آهي.سندس چوڻ هو ته مان سوچيو به نه هو ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف کي اقتدار ۾ آندو ويندو، نواز شريف خلاف حديبيا پيپرز ملز جو ”اوپن اينڊ شيٽ“ ڪيس آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں