58

مهانگائيءَ جي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل

اسلام آباد (رپورٽر) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.مهانگائيءَ جي سٽيل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان ناڻي واري وزارت کي سمري موڪلي وئي آهي.اوگرا طرفان ناڻي واري وزارت کي جيڪا سمري موڪلي وئي آهي، ان ۾ پيٽرول 4 رپيا 80 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 8 رپيا 60 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سمري ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته لائٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ 13 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو وڃي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان حتمي فيصلو ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں