58

وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ بلاول جي ملاقات، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وزيراعظم شهباز شريف سان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اقتصادي معاملن بابت وزير اياز صادق، ريلوي ۽ هوابازي بابت وزير خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا به موجود هئا.ملاقات دوران موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ وزيراعظم ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدي جي حوالي سان پ پ سان ڳالهيون ڪيون.ذريعن موجب پ پ قيادت گڏجي اجتماعي معاملا اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سڀ اتحادي گڏجي اڳتي وڌندا، حڪومتي اتحاد ۾ شامل ننڍين جماعتن کي مايوس نه ڪيو ويندو.ملاقات ۾ اسيمبلي ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن ۽ نيب چيئرمين سميت اهم مقررين جو به جائزو ورتو ويو.واضح رهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي دانهن ڏني هئي ته پ پ ڪيل معاهدي تي عمل نه پئي ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں