51

تمام جلد ڊمي حڪومت جو سياسي جنازو ڌام ڌوم سان نڪرندو: شيخ رشيد

راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته مهانگائيءَ ۾ هر روز اضافو ٿيندو پيو وڃي، جلد حڪومت جو سياسي جنازو ڌوم ڌام سان نڪرندو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته پيٽرول ۾ 15 رپيا ۽ ڊيزل ۾ 14 رپيا اضافي کانپوءِ جولاءِ ۾ مهانگائي جون ٻيون سيون لڳنديون، شيخ رشيد چيو ته عوام کي رليف نه، تڪليف ملندي، ماڻهو گهرن جو سامان وڪڻي گذر سفر ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي بجليءَ جو بل به اچڻو آهي، ووٽ وڪرو ڪندڙن کي عهدا ۽ پارٽي ٽڪيٽ ملي رهي آهي، جلد حڪومت جو سياسي جنازو ڌوم ڌام سان نڪرندو، هن وڌيڪ چيو ته هيءَ هڪ ڊمي حڪومت آهي، جنهن جي ايجنڊا صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ آءِ ايم ايف جي اشارن تي هلڻ آهي، هنن کي ڪو احساس ڪونهي ته غريبن تي ڇا گذري رهي آهي، هي پنهنجو ملبو ٻين تي وجهي پاڻ هليا ويندا ۽ ملڪ کي سخت ترين معاشي، سياسي ۽ اقتصادي بحران ۾ وجهي ويندا، ضمني اليڪشن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں