56

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (رپورٽر) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي درخواستن تي 5 جولاءِ تي ٻڌڻي ڪندي. بينچ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امين الدين خان به شامل آهن.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پنجاب مان منحرف ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪيو هو، جنهن خلاف منحرف ميمبرن سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں