55

پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ، پي ٽي آءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي وزيراعليٰ جي چونڊ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، حمزه شهباز ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، پي ٽي آءِ اپيل ۾ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اسان جو موقف تسليم ڪيو آهي، عدالت مختصر نوٽيس تي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏنو، شارٽ نوٽيس تي اجلاس گهرائڻ سان رليف بجاءِ اسان جو نقصان ٿيندو، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني آهي، فيصلي خلاف اپيل منظور ڪئي وڃي ۽ تبديل ڪري اجلاس گهرائڻ جو مناسب وقت ڏنو وڃي، اسان جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهن، پي ٽي آءِ درخواست ۾ اپيل ڪئي ته پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي ته جيئن صاف شفاف اليڪشن ٿي سگهي، پنجاب اسيمبلي ۾ وڏ وزارت جي چونڊ فوري معطل ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل سان گڏ فوري ٻڌڻي جي درخواست به داخل ڪئي وئي آهي، عدالت ۾ درخواست داخل ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي غيرقانوني فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي، ڇو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪيترا ئي ابهم آهن، هن چيو ته حمزه شهباز کي وڏ وزارت تان هٽائڻ گهرجي ها، هن چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں