52

پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا وسيع ترين موقعا موجود آهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، بلاول ڀٽو زرداري ڪانگريس کي پاڪستان ڪاڪس سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، سلامتي ۽ واپار سميت ٻه طرفن لاڳاپن ۾ مضبوطي اچي رهي آهي، پ پ چيئرمين اقتصادي سهڪار ذريعي ٻن طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو، ان موقعي تي هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوام سان عوام، ڪاروبار کان ڪاروبار ۽ پارلياماني رابطن جي ضرورت تي زور ڏنو، پ پ چيئرمين چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، آمريڪي ميمبر ڪانگريس شيلا جيڪسن لي چيو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي فنڊ کي خط لکندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں