62

نواز شريف جي ڳالهه ٿئي ته سڄي مشينري هلي پوندي پر غريب جو ڪنهن کي خيال ڪونهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته نواز شريف جي ڳالهه ٿئي ته سڄي مشينري هلي پوندي، غريبن جو ڪو خيال نه ٿو ڪري، هاءِ ڪورٽ ۾ جعلي دستاويزن تي پاڪستان آندڙ برمي منشيات اسمگلر ابراهيم ڪوڪو کي ڊي پورٽ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ابراهيم کي مقامي شيورٽي ۽ ڪجهه شرطن تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت هدايت ڪئي ته جيستائين ڪوڪو جي واپسي نه ٿئي تيستائين ايف آءِ اي کيس پاڪستان رهجڻ جي اجازت ڏئي، ان کي جيل ۾ وڌيڪ رکڻ غيرقانوني آهي، عدالت پهريان به فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيستائين ان کي واپس ميانمار موڪلڻ جا انتظام نه ٿاٿين کيس رياست جڳهه ڏئي، عدالت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس مهسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي وارا جعلي دستاويزن تي ابراهيم کي هتي وٺي آيا، ان کي سزا ٿي، پوءِ بري ٿي پنج سالن کان جيل ۾ پيل آهي، ان کي پنهنجي ملڪ ۾ به معافي ملي چڪي، هي غير ملڪي آهي، پاڪستاني ناهي، هوڏانهن نواز شريف جي ڳالهه ٿئي ته سڄي مشينري هلي پوندي، غريب جو ڪجهه ٿئي ته ڪو خيال نه ٿو ڪري، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان جو مطلب آهي ته ڪورٽ آرڊر نه ڪري ته سئو سال هو جيل ۾ ئي پيو رهي، 2016ع کان بري ٿي اڄ 2022ع آهي ڇهه سالن کان هو جيل ۾ غيرقانوني پيل آهي، حالت اها آهي جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ فرد به وٺڻو آهي ته ان کي به هاءِ ڪورٽ اچڻو ٿو پوي، هي اهو معاملو آهي جيڪو اسٽيٽ خلاف استعمال ٿي سگهي ٿو، انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي، پاڪستاني ادارن سان گڏجي توهان جي اسٽاف جعلي دستاويز ٺاهيا، جسٽس محسن اختر چيو ته هڪ پاڪستاني ان کي ٿائيلينڊ جيل ۾ چئي ٿو توکي پاڪستان مان بري ڪرائي وٺنداسين، ان جي سرگوڌا جي ايڊريس ٺاهي وئي ۽ ماءُ پيءُ به هٿان جا ئي بڻايا ويا، اسان هن ملڪ ۾ رهڻ جي قابل ناهيون، اسان هن رياست جي ان حد تائين توهين ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں