66

بجليءَ جو شارٽ فال 7232 ميگاواٽ تائين پهچي ويو، سڄي ملڪ ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ

اسلام آباد (رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار 232 ميگاواٽ آهي، جڏهن ته 14 ڪلاڪن کان لوڊشيڊنگ جاري آهي.ذريعن موجب ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار 21 هزار 406 ميگاواٽ آهي جڏهن ته بجلي جي ڪل طلب 28 هزار 638 ميگاواٽ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڻي مان 5 هزار 462 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس مان 1 هزار 602 ميگاواٽ ۽ پرائيويٽ پاور پلانٽس مان 11 هزار 147 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي.ان کان علاوه ونڊ پاور پلانٽس 677 ميگاواٽ ۽ سولر پلانٽ 116 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪن ٿا، جڏهن ته باگاس تي هلندڙ پلانٽس 121 ميگاواٽ ۽ ايٽمي فيول 2281 ميگاواٽ پيدا ڪن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں